شاهه ۽ سچل جا سنيها

شاهه ۽ سچل جا سنيها

شاهه ۽ سچل جا سنيها

شاهه ۽ سچل جا سنيها (ڪتاب): لطيفيات ۽ سچل بابت مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب استاد حيدري چانڊيي جو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 32 مضمون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اديب ۽ محقق علي نواز آريسر لکيو آهي، جڏهن ته واحد ڪانڌڙي ۽ حميد سنڌيءَ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي فن ۽ فڪر تي نهايت ڳوڙهي نظر وڌي آهي. ڊيمي سائيز جي 240 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد، جنوري 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو